ديوانِ سلوڪ الطالبين

ديوانِ سلوڪ الطالبين

ديوانِ سلوڪ الطالبين

ديوانِ سلوڪ الطالبين (ڪتاب): سنڌ جي باڪمال صوفي شاعر، عارف ۽ عالم فقير قادر بخش بيدل جي فارسي ڪلام جو مجموعو ’ديوان سلوڪ الطالبين‘ پنجاب جي نامياري محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر خضر نوشاهيءَ وڏي محنت سان مرتب ڪيو آهي، جيڪو بيدل سائينءَ جي 138هين سالياني عرس جي موقعي تي بيدل يادگار ڪميٽيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
هي ديوان محقق خضر نوشاهي قاضي پير محمد جي هٿ لکيل نسخي (1280هه) ۽ فقير غلام رسول مسرور جي هٿ لکيل (سنڌي رسم الخط ۾) نسخي (1340هه) کي ڀيٽي تيار ڪيو آهي.
ڪتاب جي ابتدا ۾ فقير قادربخش بيدل جي سوانح عمري ۽ خدمتن تي مختصر روشني وڌي وئي آهي. ان بعد بيدل جي فارسي ڪلام جو تفصيلي جائزو وٺندي ٻڌايو ويو آهي ته ’ديوان سلوڪ الطالبين‘ جو موضوع تصوف آهي. هن ديوان جي تاليف جو سال 1259هه آهي. بيدل جو هي واحد ديوان آهي، جنهن ۾ هن ’طالب‘ تخلص ڪم آندو آهي. ان ۾ ڪل 90 غزل آهن ۽ سڄو ديوان صنعت ’لزوم مالا يلزم‘ هيٺ آهي. 160 صفحن جي هن ڊيمي سائيز جو متن ۽ مقدمو اردوءَ ۾ لکيل آهي. ’ديوان سلوڪ الطالبين‘ بيدل يادگار ڪميٽي روهڙيءَ، 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت -/100 روپيا رکي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو